اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪڏهن به اسان کان گورنر شپ يا ڪنهن ٻي شيءِ جو مطالبو ناهي ڪيو.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ساٿ وٺڻ گهرجي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي محسن نقوي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي يا نه، ان بابت کين ڄاڻ ناهي.هن چيو ته نوٽيسن جو معاملو به حل ٿي سگهي ٿو.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي کين چوندو هو ته باني پي ٽي آءِ جي عشق ۾ مارجي ويندس، پر پاڻ محسن نقوي سان ملاقاتون ڪندو هو.هن موجب باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتون ان ڪري بند ڪيون ويون، جو ملاقاتن دوران پيغام پهچايا ويندا هئا ۽ سياسي بيانيه ٺاهيا ويندا هئا، بار بار روڪڻ باوجود ٽرولنگ نه روڪڻ سبب ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي.










