واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس مڊٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جي شڪست جو سبب ايران جنگ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي ڊگهي پوسٽ ۾ جي ڊي وينس لکيو ته اسان جي شڪست جو سبب جنگ آهي، صدر به گذريل رات اها ئي ڳالهه ڪئي هئي. سڀني کي خبر آهي ته اسان ڇو هارايوسين، تنهن ڪري اڳتي وڌڻ بابت هر ايمانداراڻي ڳالهه ٻولهه جي شروعات به انهيءَ نقطي کان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ريپبلڪن ووٽرن مڊٽرم چونڊن ۾ ووٽ ته ڏنا، پر انهن پنهنجي پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏنا. جي ڊي وينس موجب ان تبديليءَ جو هڪ سبب اهو به هو ته سندن معاشي پيغام ۽ موقف ايترو اثرائتو ۽ واضح نه هو.تازي پولنگ ڊيٽا جو حوالو ڏيندي هن چيو ته 2024ع ۾ ٽرمپ کي ووٽ ڏيندڙ ووٽر هاڻي بنيادي طور تي چار مطالبا ڪري رهيا هئا، جن ۾ جنگ ختم ڪرڻ، مهانگائي تي ڌيان ڏيڻ، آمريڪا فرسٽ پاليسي اختيار ڪرڻ ۽ اسرائيل سان لاڳاپن ۾ تبديلي شامل آهن. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ صدر ٽرمپ پاران ايران تي بمباري ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ نائب صدر جي ڊي وينس جنگ بابت هٻڪ جو اظهار ڪيو هو. کيس خدشو هو ته آمريڪا اهڙي تڪرار ۾ ڦاسي پوندو، جنهن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ميڊيا موجب جيڪڏهن جي ڊي وينس 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته هو صدارتي نامزدگيءَ لاءِ مضبوط اميدوارن مان هڪ هوندو.










