قلعو عبدالله واقعو اسلامي، پشتون ۽ بلوچ روايتن جي ابتڙ آهي:لانگو

قلعو عبدالله واقعو اسلامي، پشتون ۽ بلوچ روايتن جي ابتڙ آهي:لانگو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته قلعو عبدالله واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، واقعي تي دلي ڏک ۽ افسوس آهي.جنگل پير عليزئي واري علائقي ۾ جاري ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي مير ضياءُ الله لانگو چيو ته ڌرڻي ۾ اچڻ جو مقصد پنهنجي عوام جي ڏک کي محسوس ڪرڻ آهي، جنهن کان غافل نه رهنداسين.هن چيو ته قلعو عبدالله جو واقعو اسلامي، پشتون ۽ بلوچ روايتن جي ابتڙ آهي. بلوچ ۽ پشتون روايتن ۾ جنگ دوران گهر، عورتون ۽ ٻار محفوظ هوندا آهن. جيڪي ماڻهو عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائين ٿا، اهي اسان جي روايتن ۽ سماج جو حصو ناهن هن چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ اهڙن واقعن کي پليٽ فارم طور استعمال ڪن ٿيون. پاڪستاني هجڻ جي حيثيت ۾ اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۾ دهشتگرد موجود آهن. ڪجهه سياسي جماعتون دهشتگرديءَ جو سمورو بار حڪومت تي وجهي عوام کي گمراهه ڪن ٿيون. بلوچستان جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ظالم خلاف ۽ مظلوم سان گڏ سيسو پلائي ڀت بڻجي بيٺل آهي. سانحي زيارت جي ڌرڻي ۾ دهشتگرديءَ خلاف ڳالهائڻ بدران سمورو بار حڪومت تي وڌو ويو. ڇا حڪومت پنهنجن ئي ماڻهن کي ماريندي؟ هن چيو ته سانحي زيارت ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار رياست جا پنهنجا جوان هئا. مان پاڻ به دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجي چڪو آهيان، اچڻ وقت مون تي حملو ٿيو، پر الله تعاليٰ منهنجي جان بچائي. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽنداسين.مير ضياءُ الله لانگو چيو ته اسان کي متحد ٿي دهشتگردن کي دهشتگرد چوڻو پوندو ۽ رياست جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ڏک ۽ ڏکيائيءَ جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت جون سموريون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن. مهاجرن جي واپسي ۽ پاڪستان کي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ رياستي فيصلن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته ٻٽو معيار ختم ڪري ملڪ جي مفاد ۾ هڪ آواز ٿيڻو پوندو. منشيات جي خاتمي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سخت ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.بلوچستان جي گهرو وزير ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت سندن مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو