اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن جا نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي.آمريڪي خام تيل ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ في بيرل 88 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 9 سيڪڙو گهٽجڻ کانپوءِ 94 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.اماراتي مربن تيل جي قيمت ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ اها 100 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول 7 رپيا 6 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل 3 رپيا 71 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 5 نومبر کان لاڳو ٿينديون.










