ميڊيڪل داخلائن لاءِ مارڪن ۾ هيرڦير جو وڏو اسڪينڊل ظاهر

ميڊيڪل داخلائن لاءِ مارڪن ۾ هيرڦير جو وڏو اسڪينڊل ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايم بي بي ايس جي داخلائن لاءِ انٽرميڊيٽ پري ميڊيڪل جي امتحاني مارڪن ۾ مبينا طور وڏي پيماني تي ردوبدل جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي. صوبي جي ٻن وڏين سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، داخلائن لاءِ جمع ڪرايل مجموعي طور 53 شڪي مارڪ شيٽن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ درج مارڪن ۽ لاڳاپيل تعليمي بورڊ جي سرڪاري نتيجن واري گزٽ ۾ وڏا تضاد سامهون آيا آهن.ذريعن موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 43، جڏهن ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ 7 اهڙيون مارڪ شيٽون سامهون آيون آهن، جن جو تعلق مبينا طور ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد سان آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن سمورين ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ اميدوارن جي مارڪ شيٽن جي سرڪاري گزٽ سان مڪمل جاچ ڪئي وڃي ته مارڪن ۾ وڌيڪ تبديلي ۽ بي ضابطگين جا معاملا سامهون اچي سگهن ٿا.باخبر ذريعن جنگ/دي نيوز کي ٻڌايو ته حيدرآباد تعليمي بورڊ جي انٽرميڊيٽ پري ميڊيڪل گروپ جي سال 2026ع جي سالياني امتحانن جي نتيجن ۾ ڪجهه اميدوارن جي مارڪ شيٽن تي درج مارڪن ۽ بورڊ جي اصل گزٽ ۾ موجود مارڪن وچ ۾ غيرمعمولي فرق سامهون آيو آهي.ڪجهه معاملن ۾ مبينا طور اسڪروٽني جي نالي تي اميدوارن جي مجموعي مارڪن ۾ 50 کان 100 مارڪن تائين واڌ ڪئي وئي، جنهن سبب ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ميرٽ جي ترتيب متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڄاڻايل اسڪروٽني جو عمل ان وقت ڪيو ويو، جڏهن حيدرآباد تعليمي بورڊ جو چيئرمين فقير محمد لاکو عمري جي ادائيگي لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويل هو.ان صورتحال ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته چيئرمين جي غيرموجودگيءَ ۾ ايتري وڏي انگ ۾ مارڪن جي تبديلي ڪنهن جي منظوريءَ سان ڪئي وئي؟ اسڪروٽني جي درخواستن تي ڪارروائي ڪندڙ آفيسر ڪير هئا؟ ۽ ڇا ان عمل دوران بورڊ جي مقرر ڪيل قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪيو ويو؟ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ انٽرميڊيٽ پارٽ ٽو جي سال 2026ع جي سالياني امتحانن جي نتيجن ۾ مبينا هيرڦير ۽ بي ضابطگين جون شڪايتون اڳ ئي سامهون اچي چڪيون آهن، جنهن تي ڊپٽي ڪنٽرولر ٽاپ سيڪريٽ برانچ اعجاز علي ڪاڪا کي معطل پڻ ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي ڪجهه مارڪ شيٽن ۾ به مارڪن جي مبينا تبديليءَ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ايم بي بي ايس ۾ داخلا ڏيندڙ يونيورسٽين پاران نتيجن جون اصل گزٽون طلب ڪرڻ باوجود کين لاڳاپيل رڪارڊ فراهم نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سبب اميدوارن جي تعليمي نتيجن جي آزاداڻي تصديق ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ٻئي طرف ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ايم بي بي ايس جي داخلائن بابت ٽين اهم سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽي، لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اڃا تائين ڪنهن شڪي مارڪ شيٽ جي نشاندهي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته ذريعن اتي مارڪ شيٽن جي جاچ واري نظام تي به سوال اٿاريا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو