ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ معصوم نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد قتل جي ڪيس ۾ جوابدار عرفان کي ٻڌايل موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.عدالت ۾ جوابدار عرفان جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جوابدار جي وڪيل لياقت گبول ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته سزا ٻڌائڻ وقت قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، جڏهن ته شاهدن جي بيانن ۾ پڻ تضاد موجود هئا پراسيڪيوشن موجب جوابدار کي جون 2026ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر موت جي سزا ٻڌائي هئي.رپورٽ موجب جوابدار 8 ڊسمبر 2022ع تي مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ گهر ۾ گهڙي اڪيلي موجود نياڻي سان زيادتي ڪئي ۽ بعد ۾ گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو.پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته جوابدار پلمبر جو ڪم ڪندو هو ۽ گهر ۾ نياڻي کي اڪيلو ڏسي زبردستي داخل ٿيو هو. واقعي جو ڪيس مقتولا نياڻي جي والد جي فرياد تي مبينا ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.










