ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) انٽيليجنس ڄاڻ تي ڪارروائي ڪندي سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي منگهو پير روڊ ڪنواري ڪالوني مان فتنه الخارج جي 3 انتهائي گهربل دهشتگردن کي گرفتار ڪيو،رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ زيد الله عرف زيدو، نورزاده ۽ حضرت عثمان جي نالي سان ٿي آهي، رينجرز عملدارن چيو ته گرفتار ٿيل جوابدار خارجي امير شمس القيوم عرف ذويل عرف ظفر جا ويجها ساٿي هئا. پڇا ڳاڇا دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته اهي علائقي جي ماڻهن جا فون نمبر شمس القيوم کي فراهم ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ هو ڀتا وصول ڪرڻ لاءِ انهن نمبرن تي ڪال ڪندو هو، ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ڀتا خوري ۽ زمين تي قبضي ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪيو آهي. جوابدار نورزاده ۽ حضرت عثمان جا ڀائر اڳ ۾ ئي خارجي نيٽ ورڪ ۾ مارجي چڪا آهن، ترجمان چيو ته جوابدار زيد الله عرف زيدو ايڪسائيز ڪورنگي پوليس اسٽيشن ۽ اي اين ايف کي به گهربل هو. گرفتار ٿيل جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.










