اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي هڪ وفد جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ-ايف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي وفد ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون گڏجي وڙهڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ۽ مسلم ليگ (ن)، پي پي پي ۽ جي يو آءِ پاران ڪي پي ۾ گڏجي چونڊون وڙهڻ جي حڪمت عملي طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن ۾ اي اين پي کي گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ ڪي پي سينيٽ چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي آزاد ميمبرن سان به رابطو ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي جي وفد ۾ گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪنڊي، خورشيد شاهه ۽ ظاهر شاهه شامل هئا، جڏهن ته ملاقات دوران جي يو آءِ جا اڪرم خان دراني، مولانا لطف الرحمان، اسد محمود ۽ اسجد محمود موجود هئا.










