پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وقت جي ضرورت آهي ته سڀئي سياسي پارٽيون سياست کان مٿانهون ٿي گڏيل ايڪشن پلان اختيار ڪن. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سميت ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني مڪتب فڪر ۽ عوام جو گڏيل ۽ متفقه ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ حڪومتي نمائندي وفد ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي علي امين گنڊاپور چيو ته وفد سڀني علائقن جو دورو ڪندو ۽ عوامي مشاورت جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪندو.هن چيو ته گڏيل ايڪشن پلان ٺاهڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، سڀني سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن کي دعوت ناما موڪليا ويندا.علي امين گنڊاپور چيو ته عوامي نمائندن کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ضم ٿيل ضلعن جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو هڪ هنگامي اجلاس پڻ سڏايو ويو آهي.وڏي وزير چيو ته پائيدار امن صرف مفيد قدمن، باهمي صلاح مشوري ۽ متفقه فيصلن ذريعي قائم ڪري سگهجي ٿو.










