ڏکڻ وزيرستان لوئر ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مڪمل ڪرفيو لاڳو

ڏکڻ وزيرستان لوئر ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مڪمل ڪرفيو لاڳو

ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)ضلعي انتظاميا اڄ ڏکڻ وزيرستان لوئر جي برمل تحصيل ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مڪمل ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر محمد ناصر خان موجب، هي فيصلو سيڪيورٽي خدشن ۽ ممڪن خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر موجب، ڪرفيو دوران راگزئي ۾ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 7 وڳي تائين مڪمل طور تي بند رهنديون.ايمرجنسي سروسز ۽ بااختيار ماڻهن کي ڪرفيو کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويندو.بهرحال، شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڏسڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 ميٽر پري پنهنجون گاڏيون روڪين. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 188 تحت ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو