لاهورجي پلازا ۾ باهه، پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا زخمي

لاهورجي پلازا ۾ باهه، پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا زخمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) شاهه عالم مارڪيٽ ۾ هڪ پلازا ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار سميت ٻه ماڻهو سڙي ويا.پوليس ترجمان موجب شارٽ سرڪٽ سبب پلازا ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري سڙي زخمي ٿي پيا.پوليس باهه کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ بروقت ڪارروائي ڪئي ۽ عمارت ۾ ڦاٿل شهرين کي ٻاهر ڪڍيو.ٻئي طرف شاهدره ۾ جنريٽر ڌماڪي سبب باهه لڳي وئي، جنهن سبب هڪ شخص 50 سيڪڙو سڙي ويو ۽ کيس فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو