سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اڄ غزه به ڪربلا بڻجي ويو آهي.سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته ڪربلا هڪ وڏو سبق آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو خاندان دين جي عزت ۽ شان لاءِ قربان ٿيو. خواجه آصف چيو ته اڄ غزه به ڪربلا بڻجي چڪو آهي، غزه آمريڪا، برطانيه، يورپ ۽ اسرائيل جي اڳيان نه جهڪي رهيو آهي.










