ڪرنل شير خان شهيد، نشان حيدر جي 26 هين ورسي

ڪرنل شير خان شهيد، نشان حيدر جي 26 هين ورسي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڄ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد نشان حيدر جي 26 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. فيلڊ مارشل، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ايئر چيف، نيول چيف ۽ پاڪستان هٿياربند فوج شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر چيو ته ڪرنل شير خان شهيد دشمن جي سامهون سيسي جي ڀت بڻجي وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.هو هميشه پاڪستاني هٿياربند فوج ۽ پوري قوم لاءِ هڪ بهترين مثال ۽ الهام جو ذريعو رهندو.آءِ ايس پي آر موجب، ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي قرباني اڄ به هر پاڪستاني جي دل ۾ زنده آهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ روشني جو مينار آهي.اسان پنهنجي هن عظيم هيرو کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ مادر وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم کي تجديد ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو