لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ 3 گهربل دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب، دهشتگردن خلاف ڪارروائي سرائي نورنگ ڀٽاني ڪينال جي ويجهو ڪئي وئي.آپريشن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ گهربل هئا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 4 دستي بم، ڪلاشنڪوف، ڪارتوس ۽ 2 موبائل فون هٿ ڪيا ويا.










