ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي لوئر ۽ اپر ڏکڻ وزيرستان جي ٻنهي ضلعن ۾ صبح 6 وڳي کان شام 7 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنرن ٻنهي ضلعن ۾ حرڪت ۽ ڪاروباري سرگرمين تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر لوئر ڏکڻ وزيرستان ناصر خان موجب، وانا شهر ۽ ان جي مضافات ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو مقصد سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ امن برقرار رکڻ آهي. نوٽيفڪيشن موجب، عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڏسڻ کان پوءِ 50 ميٽر جي مفاصلي تي پنهنجون گاڏيون روڪين.اپر ڏکڻ وزيرستان جي سڀني تعلقن ۾ اڄ مڪمل ڪرفيو پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر فضل ودود موجب، ضلعي ۾ حرڪت ۽ ڪاروباري سرگرمين تي پابندي آهي.










