اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻنهي ماڻهن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان چيف ٽريفڪ آفيسر سيد ذيشان حيدر چيو آهي ته اهو فيصلو 2 هفتن جي آگاهي مهم کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو.سيد ذيشان حيدر چيو ته ٻن هفتن کان پوءِ، هيلمٽ نه پائڻ تي موٽرسائيڪل سوار ٻنهي تي جرمانو لاڳو ڪيو ويندو.










