اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ شامل ناهي، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻو انساني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيو آهي، گذريل سال دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جا 600 کان وڌيڪ جوان شهيد ٿيا.هن چيو ته طالبان جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، عبوري افغان حڪومت پاران ڏيکاريل رويو دوحا معاهدي جي خلاف آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڊجيٽل پروپيگنڊا جديد دور جو هڪ پيچيده چئلينج آهي، هٿياربند فوج ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اثرائتي ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 92 هزار ماڻهن کي دفن ڪيو آهي.هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن فورس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي پوندي، دهشتگردي خلاف فوجي ڪارروائي سان گڏ انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري به ڪرڻي پوندي.هن چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي، ۽ نوجوانن کي فائر والز جي بدران تيز رفتار انٽرنيٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي.










