اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي جي بلن مان 35 رپيا ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بلن مان ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو آخري اعلان ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته صارفين کان ٽي وي فيس جي طور تي مهيني ۾ ڏيڍ ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ساليانو تقريباً 16 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا آهن.










