پيپلزپارٽي جو بجيٽ ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو

پيپلزپارٽي جو بجيٽ ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ بجيٽ تي ووٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اجلاس دوران پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان بجيٽ تي ووٽنگ ڪرڻ وارا آهيون.ياد رهي ته پي پي پي چيئرمين ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو حڪومت جي وفاقي بجيٽ جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان کي جنگ جي تياري ڪرڻي آهي، تنهن ڪري دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.هن اهو به چيو ته هو وزيراعظم، ناڻي واري وزير ۽ پرڏيهي وزير جو شڪرگذار آهي ته هن ڀيري بجيٽ تي پيپلز پارٽي کي شامل ڪيو. اسان پگهارون ۽ پينشن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو هڪ سٺو قدم آهي ته حڪومت پگهارون ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته پيپلز پارٽي جون اهڙيون خواهشون هيون جيڪي اسان بجيٽ ۾ حاصل نه ڪري سگهياسين. اهي چاهين ٿا ته ڏکڻ پنجاب کي پي ايس ڊي پي ۾ پنجاب جو 30 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾، اسان گڏجي ويهنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو