ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت پهرين کان ڏهين محرم تائين ڪوئيٽا سميت صوبي جي 8 ضلعن ۾ قلم 144 تحت مختلف پابنديون لاڳو ڪيون آهن.بلوچستان جي گهرو کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب، پهرين کان ڏهين محرم تائين نصيرآباد، جعفرآباد، صحبت پور، جهل مگسي، اوستا محمد، ڪڇي، سبي ۽ ڪوئيٽا شهر ۾ مختلف پابنديون لاڳو ڪيون وينديون، جن ۾ هر قسم جي هٿيارن جي نمائش، موٽرسائيڪلن تي ٻيلهه سواري، ۽ نفرت انگيز ڪتابن، رسالن، سي ڊيز ۽ ڪيسٽس جي نمائش ۽ وڪري تي مڪمل پابندي شامل آهي.ساڳئي طرح، محرم جي جلوسن جي رستن تي غير لاڳاپيل ۽ شڪي ماڻهن جي داخلا، ڀتين تي چاڪنگ ۽ پوسٽر لڳائڻ، ڇتين ۽ درين تي بيهڻ، ۽ ٻين شهرن کان ايندڙ ذاڪرن، عالمن ۽ اشتعال انگيز مقررن جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي.










