پاراچنار: بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

پاراچنار: بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

پاراچنار(ويب ڊيسڪ) اپر ڪرم ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا.ڊي پي او حبيب الله جي سربراهي ۾ اپر ڪرم جي پيوار شرم خيل علائقي ۾ بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي 4 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.ڊي پي او چيو ته بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن ۽ انهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي پي او موجب، بارودي سرنگ جي ڌماڪي کان پوءِ علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي ۽ وڌيڪ بارودي سرنگن جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو