نيشنل گرڊ پاران ملازمن جي حفاظت لاءِ آگاهي سيمينار

نيشنل گرڊ پاران ملازمن جي حفاظت لاءِ آگاهي سيمينار

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (سابق اين ٽي ڊي سي) پاران “سيفٽي آگاھي مهم 2025” جي سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف 500 ڪلو واٽ ۽ 220 ڪلو واٽ گريڊ اسٽيشنز تي حفاظتي تربيتي سيمينار منعقد ڪيا ويا. مهم جو مقصد نيپرا جي هدايتن تي عملدرآمد، عملي لاءِ تحفظ بابت شعور وڌائڻ ۽ جديد حفاظتي مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي ته جيئن ميدان ۾ حادثن جي شرح کي گهٽ کان گهٽ آندو وڃي. سيمينار نيو لاهور، يوسف والا (ساھيوال)، گٽي (فيصل آباد)، نيو ڪوٽ لکپت، واپڊا ٽائون راوي، غازي روڊ، بند روڊ، شاليمار، سرفراز نگر، گجرات، ڏهرڪي، جهمپير-ٽو (سنڌ) ۽ انڊسٽريل-ٽو ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي اهم گرڊ اسٽيشنز تي منعقد ٿيا. سيمينارز ۾ شرڪت ڪندڙ ملازمن کي ابتدائي طبي امداد، هنگامي حالتن ۾ ردعمل، فِيلڊ آپريشنز ۽ ڪارڊيو پلمونري ريسسٽيٽيشن (CPR) بابت عملي تربيت ڏني وئي. اين جي سي جي آفيسرن عملي کي ذاتي تحفظ جا اوزار (PPE)، ميدانن ۾ جاچ جا طريقا، ٽرانسميشن لائن تي ڪم دوران خطرا، ۽ نيپرا پاران متعارف ڪرايل نوان پرمٽ ٽو ورڪ (PTW) فارميٽ تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪجهه گرڊ اسٽيشنز تي ريسڪيو 1122 جي ٽيمز پڻ شامل ٿيون، جن سيشنز ذريعي صحت، سيڪيورٽي ۽ ماحوليات (HSE)، باهه وسائڻ ۽ هنگامي حالتن سان منهن ڏيڻ بابت عملي ڄاڻ مهيا ڪئي. مينٽيننس، آپريشنز، پروٽيڪشن، سيڪيورٽي ۽ ايڊمن سميت اين جي سي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عملي وڏي انگ ۾ ان مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. اين جي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر محمد شاهد نذير مهم جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان جي آپريشنز جو مرڪز اسانجو عملو آهي، سيفٽي آگاھي مهم ۾ عملي جي دلچسپي ۽ جذبي سان ادارو پنهنجي پيشورانه وابستگي جو ثبوت ڏئي رهيو آهي ۽ اهڙيون ڪوششون نه رڳو عملي جي تحفظ لاءِ پر اسانجي توانائي جي ڍانچي جي حفاظت لاءِ پڻ نهايت اهم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو