اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ قتل

اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ قتل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ قمبراني روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو. پوليس موجب ڪوئيٽا ۾ قمبراني روڊ تي نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خانگي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتول جي سڃاڻپ حضور بخش جي نالي سان ٿي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، پر اڃا تائين سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو