اسلام آباد، راولپنڊي ۽ حريپور جي ڊي سيز جا وارنٽ جاري

اسلام آباد، راولپنڊي ۽ حريپور جي ڊي سيز جا وارنٽ جاري

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت راولپنڊي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ هري پور جي ڊپٽي ڪمشنرن جا غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد کي ڊي سي اسلام آباد جي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي 25 جون تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالتي حڪمن تي عمل درآمد ۾ ناڪامي کي قانون جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهيو ويندو.عدالت 25 جون تي ڊي سي راولپنڊي ۽ هري پور جي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. گرفتاري وارنٽ ريفرنس نمبر 47 راحت محمود بمقابلہ حڪومت ۾ جاري ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو