پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه صوبي جي گاديءَ واري هنڌ پشاور مان ڪانگو وائرس جا ٻه وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.خيبر پختونخواهه جي صحت کاتي موجب، گذريل ڏينهن ڪانگو وائرس جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪانگو وائرس سان متاثر مريضن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.خيبر پختونخواهه جي صحت کاتي موجب، ڪانگو وائرس سبب هاڻي تائين 3 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 2 جو تعلق ڪرڪ ۽ اتر وزيرستان سان هو.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس جا 3 مريض حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ علاج هيٺ آهن.ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ ڪانگو وائرس جا 2 مريض داخل ڪيا ويا هئا. اهي مريض ڪرڪ ضلعي جا هئا.اسپتال انتظاميا چيو هو ته ڪانگو وائرس جي مريضن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.










