ناران ۾ گليشيئر ويهجي ويو، تصوير ڪڍندڙ پيءُ ۽ پٽ فوت

ناران ۾ گليشيئر ويهجي ويو، تصوير ڪڍندڙ پيءُ ۽ پٽ فوت

ڪاغان (ويب ڊيسڪ)ڪاغان وادي ۾ ناران ۾ سوهني آبشار تي گليشيئر جو هڪ حصو ويهجي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي سياح مارجي ويا، جن ۾ هڪ پيءُ ۽ پٽ شامل هئا، جيڪي گليشيئر هيٺان تصويرون ڪڍي رهيا هئا.ذريعن موجب، حادثي ۾ ملوث سياحن جو تعلق لاهور جي مغلپوره علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي.حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 35 سالن جو طاهر، 13 سالن جو ابو بڪر ۽ 22 سالن جو طيب شامل آهن.صوبائي سياحت صلاحڪار زاهد چنزيب افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾، هن سياحن کي هدايت ڪئي ته غير مستحڪم علائقن ۾ وڃڻ ۽ سيلفي وٺڻ کان پاسو ڪن، ۽ چيو ته سياحتي هنڌن تي احتياطي تدبيرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو.هن هدايت ڪئي آهي ته سياحتي هنڌن تي سيڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو