راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج ڪنهن به جارحيت کي موثر طريقي سان روڪڻ ۽ شڪست ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لائن آف ڪنٽرول تي اڳين مورچن جو دورو ڪيو ۽ سپاهين سان گڏ عيد الاضحيٰ ملهائي. عيد جي نماز کان پوءِ پاڪستان جي دائمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا گهري وئي ۽ وطن جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن لاءِ دعا گهري وئي.آءِ ايس پي آر موجب، ان موقعي تي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو ته عيد کي خاندانن کان پري، اڳين مورچن تي ملهائڻ، مادر وطن جي دفاع جي قومي مقصد جي تڪميل آهي، جيڪو سڄو سال جاري رهي ٿو.ان موقعي تي، فيلڊ مارشل حق جي جنگ “آپريشن بنيان مارسس” دوران فارميشن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ شهيدن ۽ فوجين کي خراج تحسين پيش ڪيو.جنرل عاصم منير سپاهين ۽ آفيسرن کي مخاطب ڪندي چيو ته، “توهان معصوم پاڪستاني شهرين جي جانن جي نقصان جو پورو بدلو ورتو آهي، جن ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آهن. آرمي چيف سپاهين جي بلند حوصلي، انهن جي غير معمولي آپريشنل تيارين ۽ هندستاني جنگ بندي جي خلاف ورزين جي اثرائتي جواب جي تعريف ڪئي، ۽ هٿياربند فوج جي جنگي تيارين تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل چيو ته اسان ڪنهن به جارحيت کي موثر طريقي سان روڪڻ ۽ شڪست ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. ڀارتي قبضي خلاف ڪشميري عوام جي جائز ۽ دلير جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪيو وڃي










