لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ اعظم خان سواتي چيو آهي ته قومي اتحاد لاءِ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ گهرجي، قانون جي حڪمراني لاءِ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل مان آزاد ڪرڻو پوندو.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم خان سواتي چيو ته جتي ظلم جو نظام هجي، انصاف لاءِ ڏکوئيندڙ رڪاوٽون هجن، اتي قانون جي حڪمراني کانسواءِ پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جو ڪو به طريقو ناهي.ان کان اڳ، راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، اعظم خان سواتي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت عمر ايوب خلاف داخل 2 ڪيسن جي ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته اعظم سواتي خلاف داخل 1 ڪيس جي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










