اتر وزيرستان  ۾ڪارروائي، 14 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ڪارروائي، 14 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 14 خوارج مارجي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي دته خيل ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو ته فورسز ۽ خوارج جي وچ ۾ سخت فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ 14 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو، ۽ علائقي مان وڌيڪ هندستاني سرپرستي هيٺ خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو