ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ بل منظور،بئريسٽر سيف

ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ بل منظور،بئريسٽر سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي اطلاعات صلاحڪار بئريسٽر محمد سيف جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ (سي اي بي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ مالي طور تي آزاد هوندو. بورڊ ماحولياتي پاليسين جي ڪارڪردگي تيار ڪندو، ترميم ڪندو، نگراني ڪندو ۽ جائزو وٺندو.هن چيو ته بورڊ سرڪاري کاتن ۾ ماحولياتي حڪمت عملي جي نگراني ڪندو. ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ جي تحت هڪ خاص ڪلائيميٽ ايڪشن فنڊ قائم ڪيو ويندو.هن چيو ته بلين ٽري پروجيڪٽ کان پوءِ، ڪلائيميٽ ايڪشن بورڊ ڪي پي حڪومت جو ٻيو وڏو ماحولياتي منصوبو آهي جنهن کي بين الاقوامي طور تي تسليم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو