اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڀارتي قيادت جي تازين اشتعال انگيز بيانن تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قيادت جو بيان امن بابت نه پر دشمني بابت آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي حمايت جا ثبوت موجود آهن، ڪوڙا بيان ۽ ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش سچائي کي لڪائي نٿي سگهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ پرعزم آهي.ترجمان چيو ته ڀارتي قيادت جو بيان امن بابت نه پر دشمني بابت آهي، ڀارت پاران پاڪستان تي عدم استحڪام جو الزام لڳائڻ حقيقتن کان انحراف آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تڪرار خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ بنيادي خطرو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق حل جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ خطي کي بي اعتمادي ۽ تڪرار ۾ ٻوڙڻ جي مترادف آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته تازين واقعن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جنگ ۽ ڌمڪيون بيڪار آهن. ڀارت ڌمڪين، غلط بياني يا طاقت ذريعي پنهنجا مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ سنجيدگي، رواداري ۽ مسئلي جي بنيادي سبب کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.










