سيالڪوٽ: پي پي 52 ۾ ضمني چونڊ، پولنگ ختم،ڳڻپ جاري

سيالڪوٽ: پي پي 52 ۾ ضمني چونڊ، پولنگ ختم،ڳڻپ جاري

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي.صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ ووٽنگ شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.حلقي ۾ 38 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 11 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.پي پي 52 سيٽ مسلم ليگ ن جي ايم پي اي ارشد وڙائچ جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي.مسلم ليگ ن جي حنا ارشد، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار فخر نشاط ۽ پي پي پي جي راحيل ڪامران چيما ميدان ۾ آهن.حلقي ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد 297,185 آهي، جن ۾ 157,725 مرد ووٽر ۽ 139,460 عورت ووٽر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو