پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ کي باهه ڏيڻ تي نامعلوم شرپسندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب، باهه پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر محمد علي باچا ۽ جنرل سيڪريٽري جي حڪم تي لڳائي وئي هئي.ڪالهه پيپلز پارٽي خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت جي مبينا ڪرپشن خلاف اسيمبلي چوڪ تي احتجاج ڪيو.ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي پوليس فائرنگ ڪئي، جڏهن ته مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو.مظاهرين اسيمبلي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي احتجاجي ڪئمپ کي باهه ڏني، جنهن دوران پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿيا، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.










