ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته صوبي ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، جن ۾ کان کني، شمسي توانائي، ۽ تيل ۽ گئس شامل آهن. مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته صوبائي حڪومت سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ۽ يونائيٽيڊ بزنس گروپ جي سرپرست اعليٰ سان ملاقات ۾ ڪيو.ان موقعي تي گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس دوران خضدار سانحي جي شهيدن جي روحن جي تسلي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ايف پي سي سي آءِ ۽ يو بي جي صوبي ۾ اقتصادي زونز جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته صوبائي حڪومت هميشه قانوني واپار جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت صوبي ۾ صنعتون قائم ڪرڻ لاءِ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سان صوبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.










