پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي تعليمي ادارن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي گرم علائقن ۾ پرائمري اسڪولن ۾ پهرين جون کان 31 آگسٽ تائين موڪلون هونديون. ان کان علاوه، گرم علائقن ۾ هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول 15 جون کان 31 آگسٽ تائين بند رهندا، جڏهن ته ٿڌي علائقن ۾ اسڪولن ۾ پهرين جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين موڪلون هونديون. موڪلون سڀني سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن تي لاڳو ٿينديون.










