سي پيڪ تي اطمينان، امن استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪبو

سي پيڪ تي اطمينان، امن استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪبو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين سيڙپڪاري، زراعت، صنعت، آئي سي ٽي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي ۽ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال ٻطرفي لاڳاپن ۽ عالمي فورمن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ چين سي پيڪ فيز 2 تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٽئين ڌرين جي شموليت لاءِ باهمي رضامندي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن سيڙپڪاري، زراعت، صنعت، آئي سي ٽي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ دفاع جي حق لاءِ چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان چين جي بنيادي مفادن جي مڪمل حمايت جاري رکندو، ۽ ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق ضروري آهي،ان موقعي تي، چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان جو لوهي ڀاءُ ۽ هر موسم جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، ۽ پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۾ پاڪستان جي ثابت قدمي قابل تعريف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو