اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عرفان صديقي چيو آهي ته پاڪ افغان لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي.سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين عرفان صديقي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته افغانستان جي خاص نمائندي صادق خان اڄ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني، صادق خان ٻڌايو ته مستقبل ۾ اعليٰ سطحي دورن جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي.عرفان صديقي چيو ته اهڙن دورن سان ٻطرفي ڳالهين جو عمل بحال ٿيندو، صادق خان ٻڌايو ته ٽي ٽي پي جي سرپرستي جو معاملو افغان انتظاميه سان شدت سان اٿاريو ويو آهي، ٽي ٽي پي جا مختلف گروپ ڪارروايون ڪندا آهن، انهي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي تعريف ڪئي پئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ايران ۾ مارجي ويل پاڪستانين جو تعلق بهاوالپور سان آهي، انهي معاملي تي پرڏيهي وزارت ڪم ڪري رهي آهي، انهن جا لاش آڻڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزارت معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.عرفان صديقي چيو ته واقعي جي ايراني حڪومت مذمت ڪئي آهي، ايران سان اعليٰ سطحي رابطن جو امڪان آهي، ڪميٽي افغانستان جي معاملي تي هڪ ٻيو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










