لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلي تي مگرمڇ جا ڳوڙها وهائي رهي آهي، لاهور ۾ عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڇهن ضلعن ۾ ڪينال جي تعمير جي منصوبي تي ڪم ڪافي عرصي کان جاري هو، جنهن جي پيپلز پارٽي کي خبر هئي، پر ان وقت ڪنهن به ڪجهه نه چيو، شاهه محمود چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو دبئي ۾ ڇا ڪري رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ پاڻي جي مسئلي تي به پنهنجي پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ٻاهر ويٺي اهو نه ٿي ڪري سگهي جيڪو مون جيل ۾ ويٺي ڪيو،هن چيو ته هو 14 ۽ 15 اپريل تي عمرڪوٽ ۾ جيل مان احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.










