چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري آهي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم تحريڪِ انصاف ۾ مائنس ون فارمولي بابت انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملازمت جو مدو جنوري ۾ پورو ٿي ويو، وزيراعظم کي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري واري معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻي آهي.هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري ۽ مايوس ڪندڙ رهيو آهي، سندس هوندي غير آئيني قدم کنيا ويا، اعليٰ عدليا بار بار چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلن تي اعتراض واريو، تاريخ ۾ ڪنهن به چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهڙو ڪردار ناهي رهيو.شيخ وقاص اڪرم چيو ته مائنس ون فارمولو ڪامياب بڻائڻ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار انتهائي اهم رهيو، فارم 47 جي حڪمت عملي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سهولتڪار رهيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف عمر ايوب ذريعي سپريم جڊيشيل ڪائونسل ۾ شڪايت (درخواست) جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ باني خلاف پراسيڪيوٽر طور ڪردار ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو