اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ باني وڪيل فيصل چوڌري چيو ته حڪومت مسلسل عدالتي ڪميشن کان پاسو ڪري رهي آهي.اسان حڪمران پارٽين ۽ حڪومت سان ڳالهين جو عمل معطل ڪري ڇڏيو آهي.فيصل چوڌري چيو ته اسان جون ڳالهيون جاري آهن، مخالف اتحاد ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.هن اهو به چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمران پارٽيون ڳالهين لاءِ سنجيده نه آهن، ۽ پرامن احتجاج جي اجازت هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ جمهوري حق آهي.










