اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد صحت جي سهولتن جي حوالي سان سڄي ملڪ لاءِ هڪ ماڊل بڻجي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت جي معاملن تي هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي حڪومت جي تحت صحت جي نظام کي جديد خطن تي ترقي ڏيڻ ۽ اسلام آباد کي صحت جي سهولتن جي حوالي سان سڄي ملڪ لاءِ ماڊل بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر جي ڪم کي تيز ڪرڻ ۽ ڪمپليڪس لاءِ مشينري ۽ سامان جي خريداري لاءِ پري ڪواليفڪيشن جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل هڪ ماهر صلاحڪار جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعميراتي ڪم ۽ مشينري ۽ سامان جي خريداري جو ٽئين پارٽي آڊٽ ڪرايو وڃي.وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس سان الحاق ٿيل يونيورسٽي لاءِ چارٽر جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.شهباز شريف چيو ته حڪومت صحت جي سهولتن تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي.










