خضدار ۾ ڌماڪو، هڪ شخص مارجي ويو، 7 زخمي

خضدار ۾ ڌماڪو، هڪ شخص مارجي ويو، 7 زخمي

خضدار (ويب ڊيسڪ)خضدار ۾ ايم-8 قومي شاهراهه تي خوري ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.ليويز اختيارين موجب ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ست زخمي ٿيا آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو روڊ جي ڪناري تي بيٺل هڪ ڪار ۾ نصب ڪيو ويو هو.ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن بس روڊ جي ڪناري کان گذري رهي هئي. فوت ۽ زخمي مسافر بس ۾ سوار هئا.اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين کي خضدار جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو