ڀٽ شاهه (ن س )ڀٽ شاهه ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڀٽ شاھ ۾ داخل ٿيندڙ روڊ تي تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري پير محلي واسي نوجوان فرحان پٽ عمران ٿهيم سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو رورل هيلٿ سينٽر ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.نوجوان فرحان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، وڏي انگ ۾ وارث اسپتال پهچي ويا. فرحان ٿهيم جو لاش صحت مرڪز مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.










