آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري پيو

آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري پيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آذربائيجان ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ويجها دوستاڻه لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اٺين گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هو توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪندا، توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري فائديمند ٿيندي. سندس چوڻ هو ته دفاعي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ معاهدن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي. هن چيو ته بزنس ٽو بزنس لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري وڌندي، آذربائيجان خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ گڏيل سهڪار ضروري آهي، ٻئي ملڪ اي ويزا ۽ سڌي ريت اڏامن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو