اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ايندڙ مهيني ٽن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو.ذريعن موجب صدر جو چين جو دورو 6 فيبروري کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. آصف علي زرداري پنهنجي چين جي دوري دوران هاربن ۾ ونٽر گيمز جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي چين جي دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندو. آصف زرداري جي چيني صدر شي جن پنگ سان به ملاقات جو پروگرام آهي.










