اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حج 2025 جي تياري ۾ ڪا به غفلت ناقابل قبول آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ حج 2025 جي تيارين جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حج 2025 ۾ حاجين لاءِ هر قسم جي مدد ۽ سهولتون يقيني بڻايون وڃن، ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حج جي تيارين بابت هڪ جامع بريفنگ تيار ڪري پيش ڪئي وڃي.شهباز شريف حج مددگارن جي چونڊ جي طريقيڪار، انهن جي ذميوارين ۽ ٻين انتظامن بابت بريفنگ جو مطالبو ڪيو.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته حاجين کي حج 2025ع سان لاڳاپيل بهترين تربيتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.هن حج ڊيوٽي تي سٺي شهرت رکندڙ قابل آفيسرن جي مقرري جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته مددگارن جي چونڊ جي عمل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو وڃي.










