پنهنجي 12 شهيدن جو ذڪر ڪيو هو، 2 وڌيڪ زخمي فوت ٿيا

پنهنجي 12 شهيدن جو ذڪر ڪيو هو، 2 وڌيڪ زخمي فوت ٿيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته اسان پنهنجي 12 شهيدن ۽ 49 زخمين جو ذڪر ڪيو هو،جڏهن ته زخمين ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن جي ڊيٽا به عدالت ۾ جمع ڪرائڻي آهي.اسلام آباد سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ جي شڪايت هڪ خانگي شڪايت آهي، جنهن جو طريقو مختلف آهي.بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته هن شڪايت تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، سڀاڻي حڪومت سان اسان جي ڳالهين جو ٽيون سيشن هوندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ڪنداسين.سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت نيڪ نيت ۽ سنجيدگي سان ويهي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو