آرمي چيف جي بنگلاديشي فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ملاقات

آرمي چيف جي بنگلاديشي فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير بنگلاديش آرمڊ فورسز ڊويزن جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب، بنگلاديش آرمڊ فورسز ڊويزن جي پرنسپل اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم قمرالحسن پاڪستان جي دوري تي آهن ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي. جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر چيو ته ملاقات دوران خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻطرفي فوجي تعاون کي وڌائڻ جا وڌيڪ طريقا ڳولڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسر ٻاهرين دٻاءُ خلاف گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪندي مضبوط دفاعي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ ايشيا ۽ سڄي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي ورجايو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل دفاعي قدمن ذريعي علائقائي سلامتي ۾ تعاون جاري رکندا.آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل قمر الحسن پاڪ فوج جي غير معمولي پيشيوراڻي صلاحيت جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جي بيشمار قربانين جو اعتراف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو