ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 8 خارجي مارجي ويا

ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 8 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 8 خوارج مارجي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه ۾ 12 ۽ 13 جنوري تي 2 آپريشن ڪيا.سڪيورٽي فورسز ٽانڪي ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خوارج جي ٺڪاڻن جو موثر پتو لڳايو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ٽانڪ ضلعي ۾ آپريشن دوران 6 خوارج مارجي ويا.ان کان علاوه خيبر ضلعي جي علائقي تيره ۾ آپريشن دوران 2 خوارج مارجي ويا.مارجي ويل خوارج وٽان هٿيار، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو