پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام لاءِ 62 ارب روپين جي منظوري

پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام لاءِ 62 ارب روپين جي منظوري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر پروگرام جي لاءِ 62 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مان چاهيان ٿي ته هر بي گهر وٽ پنهنجي ڇت هجي، پنهنجو گهر هر شهري جو بنيادي حق آهي، مريم نواز پنهنجي ڇت، پنهنجي گهر پروگرام جي لاءِ قرض جي رقم 15 کان 20 لک ڪرڻ جي تجويز جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس جي دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 5 هزار شهري پنهنجي ڇت، پنهنجي گهر پروگرام جي تحت قرض کڻي چڪا آهن. پروگرام جي تحت 4200 کان وڌيڪ گهرن جو تعميراتي ڪم تيزي سان هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو